جيڪب آباد: جمس اسپتال انتظاميا جي بي حسي، علاج لاءِ آيل ناري تڙپي تڙپي فوت

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جمس اسپتال جيڪب آباد جي انتظاميا بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي، علاج لاءِ آيل ناري ڊاڪٽر نه هجڻ سبب تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو.
جيڪب آباد ۾ جمس اسپتال جي سالياني بجيٽ 60 ڪروڙ هجڻ باوجود اسپتال انتظاميا عوام کي سهولتون ڏيڻ بدران تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب علاج لاءِ آيل ناري فوت ٿي وئي.
ناري جي وارثن ٻڌايو ته جمس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب اسان جي مريض فوت ٿي وئي ۽ فوت ٿيڻ کانپوءِ لاش کڻڻ لاءِ اتي بيٺل ايمبولينس جي سهولت فراهم ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.