128 سالن کانپوءِ ڪرڪيٽ به اولمپڪس ۾ شامل، ڪهڙي فارميٽ تحت مقابلا ٿيندا؟

پيرس ( ويب ڊيسڪ ) پيرس اولمپڪس ۾ کيڏيل بريڪ ڊانس مقابلو هاڻي لاس اينجلس 2028 ۾ شيڊيول اولمپڪس مقابلن جو حصو نه هوندو ۽ ان جي جاءِ ڪرڪيٽ کي ميگا ايونٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، لاس اينجلس 44 سالن کانپوءِ ٻيهر 2028 ۾ 34 هين اولمپڪس جي ميزباني ڪندو، جڏهن ته ميگا ايونٽ ۾ بريڪ ڊانس ايونٽ شامل نه هوندو.
بريڪ ڊانس مقابلا پهريون ڀيرو پيرس اولمپڪس ۾ ٿيا هئا پر ايندڙ اولمپڪس ۾ اِهي مقابلا ايونٽ جو حصو نه هوندا.
ڪرڪيٽ 128 سالن کانپوءِ اولمپڪس جو حصو بڻجي رهي آهي جيڪا ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تحت کيڏي ويندي.
سال 1900 ۾ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ کي اولمپڪس جو حصو بڻايو ويو هو جڏهن ان کانسواءِ بيس بال، سوفٽ بال ۽ ليڪروس کي به لاس اينجلس اولمپڪس ۾ شامل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.