ماني کائڻ کانپوءِ ننڊ ڇو کنيو ويندي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو کائڻ بعد ننڊ محسوس ڪرڻ لڳندا آهن؟ اهو ننڊ جي سائڪل ۽ هاضمي واري نظام جي پيٽرن جو قدرتي نتيجو به ٿي سگهي ٿو.

پر اها به حقيقت آهي ته ڪجهه قسمن جون غذائون ۽ کاڌو کائڻ جو وقت به کاڌي بعد ماڻهن ۾ ننڊ جو احساس وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿو، کاڌي بعد جسماني توانائي جي سطح ۾ گهٽتائي کي طبي ٻولي ۾ پوسٽ پرانڊيال سومنولينس به چيو ويندو آهي.

محقق کائڻ بعد خمار ٿيڻ يا ٿڪاوٽ جي حوالي سان مختلف خيال رکن ٿا. پر ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هي جسم جو قدرتي رد عمل آهي ۽ ان حوالي سان عام طور تي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

سوال اهو آهي ته ماڻهو کائڻ بعد خمار ۽ ننڊ ڇو محسوس ڪندا آهن؟

ماني کائڻ بعد خمار يا ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪرڻ گهڻو ڪري عام آهي، هڪ فرد ان حوالي سان ٿڪاوٽ محسوس ڪري سگهي ٿو ته هن ڇا، ڪيترو ۽ ڪنهن وقت کاڌو آهي.

پروٽين ۽ ڪاربوهائيڊريٽس سان ڀرپور غذائون ماڻهن ۾ ٻين غذائن جي ڀيٽ ۾ خمارن جو احساس وڌيڪ ڏيارينديون آهن. ڪجهه محققن جو چوڻ آهي ته ڪوشخص انهن غذائن بعد ننڊ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ڇو ته جسم ۾ هڪ ڪيميڪل سيروٽونين وڌيڪ ٺهڻ لڳندو آهي جيڪو ننڊ ۾ مدد ڪندو آهي جڏهن ته مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن.

هڪ امينو ايسڊ تراءِ فٽوفن پروٽين سان ڀرپور غذائن جي استعمال ۾ وڌندو آهي جيڪو جسم کي سيروٽونين ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جڏهن ته ڪاربوهائيڊريٽس ٽرائي فٽوفن کي جسم ۾ جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.

اهو ئي سبب آهي جو پروٽين ۽ ڪاربوهائيڊريٽس جو وڌيڪ استعمال ننڊ جو احساس به وڌائي ٿو.

وڌيڪ پروٽين وارين غذائن ۾ مڇي، ڪڪڙ، آنا، پالڪ، کير، سويا پراڊڪٽس ۽ پنير وغيره شامل آهن جڏهن ته ڪاربو هائيڊريٽس وارين غذائن ۾ سيون، ڊبل روٽي، بسڪيٽ، ڪيڪ، ڪوڪيز، ڊونٽس، کير، کنڊ ۽ چانور شامل آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کائڻ بعد به ننڊ محسوس ڪندا آهن، جيڪي ماڻهو منجهند جو وڌيڪ کائڻ جا عادي هوندا آهن انهن کي گهٽ کائڻ وارن جي ڀيٽ ۾ ننڊ وڌيڪ وٺندي آهي. کائڻ سان بلڊ شگر وڌي لهي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ جسماني توانائي جي سطح به گهٽجي ويندي آهي.

ان کانسواءِ کائڻ بعد ننڊ اچڻ جي ٻين عنصرن ۾ رات جي خراب ننڊ جا اثر به هوندا آهن.

هر ماڻهو جي هڪ قدرتي جسماني گهڙي هوندي آهي جيڪا کائڻ بعد اثر ڇڏيندي آهي، نيسنل سليپ فائونڊيشن موجب ماڻهن کي رات 2 وڳي ۽ منجهند 2 وڳي قدرتي طور تي جسماني توانائي۾ گهتتائي جي نتيجي ۾ ننڊ جو احساس ٿيندو آهي.

رات ۽ ڏينهن جو وقت جسماني گهڙي کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي پر کائڻ جو وقت به پنهنجو اثر ڇڏيندو آهي.

کائڻ بعد ننڊ جو احساس اهڙن ماڻهن کي پسند ناهي ايندو جن کي پنهنجا ڪم اڪلائڻا هوندا آهن.

پ ان کان بچڻ به ڏکيو نه آهي، جيئن گهٽ کائڻ ۽ ٿوري وقفي سان کائڻ، سٺي ننڊ ڪرڻ ڪرڻ، ۽ واڪ ڪرڻ ان ۾ مدد ڪري سگهن ٿا.

جيڪڏهن هر ڀيري کائڻ بعد ٿڪاوٽ جو احساس ۽ ننٺي وٺي ٿي ته ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گهرجي، ڪجهه مرضن مثال طور الرجي، هاصمو نه ٿيڻ ۽ شگر جي مريضن کي به ائين ٿي سگهي ٿو……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.