شوبز ستارن پاران قوم کي جشنِ آزادي مبارڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جو 77 هون آزادي ڏهاڙو سڄي ملڪ ۾ جوش جذبي سان ملهايو پيو وڃي.
عام ماڻهن سان گڏ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ستارا به پاڪستان جي يومِ آزادي انهتائي پرجوش طريقي سان ملهائي رهيا آهن.
فنڪارن طرفان سوشل ميڊيا تي پاڪستان سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪندي پوري قوم ۽ پنهنجي چاهيندڙن کي جشنِ آزادي جي مبارڪباد ڏني وئي.
اداڪار عدنان صديقي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي سمورن پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي لکيو ته اڄ آزاديءَ جي نعمتن تي دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪرڻ جو وقت آهي.
هن چيو اڄ ته تحريڪ آزادي جي جانيون قربان ڪندڙن ليڊرن، جوانن ۽ شهرين جي عزم ۽ حوصلي کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي.
سينيئر اداڪارا صبا فيصل آزادي جو جشن گول گپا ۽ بن ڪباب کائيندي ملهايو ۽ خوشيءَ جو لمحو پنهنجي مداحن سان شيئر ڪيو.
اداڪارا مومنا اقبال سبز لباس اي آءِ ذريعي تيار ڪيل تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي، گلوڪارا آئما بيگ ۽ اداڪارا عريبا حبيب به انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪري قوم کي آزاديءَ جون مبارڪون پيش ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.