ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽرياڻي لڄالٽ کانپوءِ قتل، سڄي ڀارت ۾ احتجاج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪلڪتي جي اسپتال سان سلهاڙيل هڪ ٽريني ڊاڪٽرياڻي کي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب 31 ورهين جي ڊاڪٽرياڻي جو لاش ڪلڪتي جي آر جي ڪار ميڊيڪل ڪاليج جي ڪمري مان مليو.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۾ ڇوڪريءَ سان لڄالٽ جي تصديق ٿي آهي.
مقبول ڊاڪٽرياڻي جي گهر ڀاتين موجب اسپتال انتظاميا کين 3 ڪلاڪن تائين ٻاهر بيهاريو ۽ چيو ويو ته ڊاڪٽرياڻي آپگهات ڪيو آهي.
پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ ڇوڪريءَ جي قتل جي شڪ ۾ هڪ پوليس رضاڪار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
هوڏانهن واقعي خلاف سڄي ڀارت ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، ڪلڪتي ۾ هزارين ڊاڪٽرن احتجاج ڪيو، مهاراشٽرا رياست جي 8 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ڊاڪٽرن ميڊيڪل سروسز جو بائيڪاٽ ڪيو، اسپتالن ۾ رڳو ايمرجنسي جو شعبو فعال آهي.
ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ به ڊاڪٽرن احتجاج ڪيو ۽ هڪ سرڪاري اسپتال ٻاهران ڌرڻو هنيو.
ان کانسواءِ لکنئو، اتر پرديش ۽ گوا ۾ به ڊاڪٽرن احتجاج ڪيو ۽ ڊاڪٽرياڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.