خشخاش کي کير ۾ وجهي پيئڻ سان ڇا ٿيندو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪوفتن کي مزيدار بڻائيندڙ خشخاش جا ٻج اڇا ۽ ڪارا ٻن قسمن جا هوندا آهن پرعام طور تي اڇا ٻج وڌيڪ استعمال ڪيا ويندا آهن.

هي عام طورتي مختلف کاڌن ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، هي طبي حوالي سان به فائديمند آهي.

خشخاش جو تيل به ڪڍيو ويندو آهي جيڪو سور ختم ڪندو آهي.

خشخاش ۾ ميگنيشيم، ميگنيز، آيوڊين، زنڪ، ٿيامن،فوليٽ، ڪيلشيم، آئرن، فاسفورس، اوميگاٿري فيٽي ايسڊ ۽ فائبر هوندو آهي.

اينٽي انفليمينٽري خاصيتن سبب ٻين بيمارين ۾ به فائديمند آهي.

جيڪڏهن هن کي بادام سان پيهي کائجي ته ان جي افاديت وڌي ويندي آهي.هي دماغي مرضن کان به بچائيندي آهي ۽ طاقت ۽ مضبوطي فراهم ڪندي آهي.

اوميگا ٿري فيٽي ايسڊ جي ڪري هي وزن گهٽائڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي. خشخاش کي پاڻي ۾ پچائي ان جي پاڻي سان جسم جي سيڪائي ڪئي وڃي ته جسم جو سور به گهٽجي ويندو آهي ۽ سوڄ ختم ٿي ويندي آهي.

سڀني فائدن کانسواءِ خشخاش کي کير، بادام ۽ چئن مغزن سان ملائي پچائجي ۽ هڪ گلاس روز پيجي ته هي هڏيون مضبوط بڻائڻ ۽ جسقم کي طاقتور بڻائڻ جي ڪم اچي ٿي.

ان کانسواءِ اوهان هيڊ کي به کير ۾ ملائي پي سگهو ٿا جيڪو پن هڪ پراڻو ۽ مقبول طريقو آهي.

اهو طريقو صدين کان هلندو پيو اچي ۽ هاڻي اولهه جي ملڪن ۾ به ان تي عمل ڪيو ويندو آهي، ماڻهو هيڊ کانسوا3 دارچيني ۽ ادرڪ کي به شامل ڪندا آهن، ائين سمجهيو ويندو آهي ته اهو شربت ڪيترائي فائدا ڏئي ٿو ۽ مرضن کان بچائي ٿو.

هيڊ وارو کيس اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور هوندو آهي، جوڙن جي تڪليف ختم ڪندو آهي جڏهن ته يادداشت ۽ دماغي افعالن کي درست ڪندو آهي.

اهڙو کير اوهان جو مزاج بهتر بڻائي خوشگوار اثر ڇڏي ٿو جڏهن ته دل جي مرضن کان تحفظ ڏئي ٿو.

بلڊ پريشر جي مريضن لاءِ اهو کير فائديمند آهي جڏهن ته ڪينسر جي خطري کان به بچي سگهجي ٿو.

اهو کير اينٽي بيڪٽيريل، اينٽي وائرل ۽ اينٽي فنگل خاصيتن وارو آهي ان کانسواءِ هاضمي وارو نظام به بهتر بڻائي ٿو.

ڪيشيم ۽ وٽامن هجڻ سبب اهو کير هڏين جي مضبوطي لاءِ به فائديمند هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.