بونير (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وفاقي تخت گاهه سميت ٽن وڏن شهرن ۾ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊي سي آفيس ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته صوابي ۾ جلسي کانپوءِ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ جلسا ٿيندا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ هر سطح جي جدوجهد جاري رکنداسين، عدالتن ۾ ڪيس به جاري آهن ۽ جلسا به ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ملڪ اسان جي وڏن جي قربانين سان وجود ۾ آيو، ملڪ جي حفاظت، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.
Prev Post
Next Post
You might also like