آرمي چيف ۽ ججز وڏا هوندا، اسان لاءِ وڏو پارليمنٽ ۽ پاڪستان آهي: اچڪزئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل گرينڊ اپوزيشن الائنس جي اجلاس بعد خيالن جو اظهار ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته هي پهريون اتحاد آهي جيڪو نه ڪنهن جي خلاف آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي مخالفت ۾ آهي

هن چيو ته آرمي چيف ۽ ججز به وڏا هوندا، الله انهن کي وڏو ڪري، پارليامينٽ ۽ پاڪستان اسان لاءِ وڏو آهي، هو سڀني کي چون ٿا ته اچو اسان جي رهنمائي ڪريو ته جيئن پاڪستان کي سٺي نموني هلائي سگهجي.

محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته 14 آگسٽ تي حقيقي آزادي جي نالي تي هر صوبي ۾ دانشور گڏ ٿيندا، ۽ ٻڌائينداسين ته اصل آزادي ڇا آهي، ڇو ته اصل آزادي جون خوشيون عوام جي حوالي نه ڪيون ويون آهن.

وقت اچي ويو آهي ته سڀني کي توبه ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ ڏنو وڃي، پاڪستان تڏهن ئي آزاد ٿيندو جڏهن سڀ هڪ گڏيل جدوجهد لاءِ اڳتي وڌندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.