ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي تعليم کاتي ۾ ، پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ تعليم واري وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته تعليم کاتي کي پ پ تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هزارين سرڪاري اسڪول مال جي واڙن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، ڊي جي مانيٽرينگ جي انڪشاف کانپوءِ صورتحال واضح ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ گوسڙو ملازم عوام جي پيسن مان پگهارون کڻي رهيا آهن.
هن چيو ته سنڌ جي تعليم تباهه ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي جو اهڪ ڪردار آهي، سنڌ ۾ سٺ لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڇهه هزار کان وڌيڪ گوسڙو استاد هئڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.
حليم عادل شيخ چيو ته تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جو راڄ آهي، 16 ورهين دوران تعليم کاتي کي 2374 ارب جي بجيٽ ڏني وئي، ان باوجود سنڌ جا سرڪاري اسڪول ويران پيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته تعليم واري وزير فوري طور پنهنجي ذميواري قبول ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.
You might also like