پئرس (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ريسلر انتم پنگهل ۽ سندس ٽيم کي پئرس مان ڊي پورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ريسلر انتم پنگهل جي ڀيڻ نشاءَ سندس ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ ( اجازت نامو ) استعمال ڪندي پڪڙي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انتم پنهنجو ڪجهه سامان اولمپڪس وليج ۾ وساري وئي هئي جنهن کانپوءِ انتم پنهنجي ڀيڻ کي سامان واپس آڻڻ لاءِ گيمز وليج اُماڻيو جتي انتم جي ڀيڻ کي گيمز وليج مان سامان واپس آڻيندي سيڪيورٽي آفيسر پڪڙي ورتو ۽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
انڊين اولمپڪس ايسوسيئيشن موجب، فرانسيسي اختيارين جي نشاندهي تي انتم ۽ سندس اسٽاف کي واپس ڀارت موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
Next Post
You might also like