راولپنڊي (و يب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي هن سان ڳالهين لاءِ ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، جيل مان اڳڪٿي ڪري رهيون آهيان ته حڪومت وٽ رڳو ٻن مهينن جو وقت آهي، حڪومت ڌٻڻ ۾ ڦاسندي پئي وڃي، هي بيوقوف آهن انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي، مون وٽ گهڻو وقت آهي، سندن وقت ختم ٿي رهيو آهي.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته ته اِهو تاثر غلط آهي ته مون غير مشروط معافي گهري آهي، 9 مئي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيز ۾ پي ٽي آءِ وارا سامهون آندا وڃن ته معافي گهرندس.
عمران خان چيو ته 9 مئي تي رڳو انصاف چاهيون ٿا، صرف ۽ صرف پاڪستان لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهيان ٿو.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي جي سي سي ٽي وي فوٽيز ۾ پي ٽي آءِ وارا سامهون آندا وڃن ته معافي گهرڻ لاءِ تيار آهيان، جيترا ڪيس ٺاهڻا آهن ٺاهيو ڪا به ڊيل نه ڪندس، ڊيل اِهو ڪندو آهي جنهن ڪو ڏوهه ڪيو هجي.
پي ٽي آءِ باني چيو ته حڪومت ۾ موجود ريلو ڪٽا فوج کي ورغلائي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ کي ختم ڪريو، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ شاهد پيش ڪندس،سڃاڻپ نه ٻڌائيندس نه ته اڊيالا جيل پهچي ويندو.
عمران خان چيو ته جيڪڏهن موجودا حڪومت جي نگراني هيٺ ٻيهر چونڊون ٿيون ته اسان تسليم نه ڪنداسين.
You might also like