گهرو وزير سان گورنر ڪي پي جي ملاقات، اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير، گورنر ڪي پي کي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران خيبرپختونخوا جي مجموعي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وفاقي گهرو وزير ۽ گورنر ڪي پي ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ بابت اتفاق ٿيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زميني تڪرار تان قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ڪجهه عنصرن ٻن ڌرين جي جهيڙي کي غلط رنگ ڏنو، جنهن سان ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سهڪار تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.