ڪراچي ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو کان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ايس ايس پي گهوٽڪي کان 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو کان ڪراچي يا ڪنهن ٻئي شهر منتقل ڪرڻ بابت سندس امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست تي جسٽس نعمت ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار پٺاڻي گڏاڻي موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر عدالت ۾ چالان پيش نه ٿو ڪري عدالت ۾ چالان پيش ڪيو وڃي، جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته هو اڃا تائين چالان پيش ڇو نه ٿو ڪري.
وڪيل صلاح الدين پنهور موقف اختيار ڪيو ته جاچ آفيسر جوابدارن کي بچائڻ چاهي ٿو.
نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي چيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث پيپلزپارٽي جو ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ خالد لنڊ ۽ سندس پٽ سوين ماڻهن سان گڏ گاڏين ۾ هٿيار کڻي اچن ٿا ۽ هيسائن ٿا.
وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته پوليس جوابدار جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي.
امان پٺاڻي چيو ته پوليس نصرالله قتل ڪيس ۾ جوابدار عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري، جان کي خطرو آهي حاضري تي پيش نه ٿا ٿي سگهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جوابدار آهن کين عدالت ۾ پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي.
عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کان 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي امڙ پٺاڻي چيو ته جيڪڏهن اسان کي رليف نه مليو ته ٻن ڏينهن ۾ هڪ وڏو اعلان ڪنديس.
وڪيل صلاح الدين پنهور ٻڌايو ته شهيد نصرالله گڏاڻي کي رڳو ان لاءِ قتل ڪيو ويو جو هن بااثر وڏيري جي پٽ جي پروٽوڪول کي ميڊيا آڏو وائکو ڪيو ۽ سندن ڪرپشن کي ظاهر ڪيو.
هن چيو ته چار مهينا گذري چڪا آهن پر پوليس اڃا تائين ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي مقامي پوليس جنهن ۾ ايس پي گهوٽڪي ۽ ڊي آءِ جي ڪو به ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهن، انڪري اسان چيف جسٽس کي عرض ڪيو ته اسان جو ڪيس هتي هلايو وڃي.
ڪراچي : شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
You might also like