اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني پارٽي جنهن شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏنو هو، مجسمي لڳڻ تي بيان تبديل ٿي ويو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني شيخ مجيب کي هيرو چيو ۽ پاڻ کي شيخ مجيب سان ڀيٽيو پر جڏهن ڍاڪا ۾ مجيب جا مجسما ڪيرايا ويا ته ڳالهه ٻي ٿي وئي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت بنگلاديش جي عوام سان گڏ آهي، انهن جو ٻاهر نڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، بنگلاديش جي عوام جيڪا جدوجهد ۽ عزم ڏيکاريو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ڪالهه بئريسٽر گوهر شهباز شريف کي حسينه واجد کان سبق وٺڻ جو مشورو ڏنو، ڇا شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيڻ واريون وڊيوز پي ٽي آءِ هينڊلز شيئر نه ڪيون هيون؟