ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ٽئين ون ڊي ۾ ڀارت کي 110 رنسن تان عبرتناڪ شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ڪولمبو جي آر پراماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سريلنڪن ڪپتان چيراٿ اسالانڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 50 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 248 رنسون ٺاهيون.
اوپنر اويشڪا فرنينڊو شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ميدان جي چئني پاسي دلڪش اسٽروڪ کيڏيا پر بدقسمتي سان هو رڳو چار رنسن جي فرق سان سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ 96 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو ٻين رانديگرن ۾ ڪوشال مينڊس 59 ۽ پيٿم نسانڪا 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ڀارت جي ريان پراگ 3، محمد سراج، اڪشر پٽيل، واشنگٽن سُندر ۽ ڪُلديپ ياديو هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪا جي 249 رنسن جي جواب ۾ دُنيٿ ويلالاگي آڏو ڀارتي بيٽرز بيوس نظر آيا، 27 هين اوور ۾ سموري ڀارتي ٽيم 128 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڪپتان روهت شرما 35، واشنگٽن سُندر 30 ۽ ويرات ڪوهلي 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ڀارتي ٽيم جا ست بيٽر ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا.
سريلنڪا جي دُنيٿ ويلالاگي پنج، مهيش ٿيڪشنا ۽ جيفري وينڊرسي ٻه، ٻه جڏهن ته اسيٿا فرنينڊو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي اويشڪا فريننڊو کي پليئر آف دي ميچ جڏهن دُنيٿ ويلالاگي کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.
ياد رهي ته گذريل سال ايشيا ڪپ جي رائونڊ ميچ دوران به ويلالاگي ڀارت خلاف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي پنج وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.
Prev Post
You might also like