اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهبازشريف چوماسي جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهبازشريف ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي.
ان موقعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چوماسي جي وڻڪاري مهم شروع ڪئي ويئ آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويندا، چوماسي جي مند خوش ڪرڻ واري آهي، وڻڪاريءَ سان ملڪ خوبصورت ٿيندو.
هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو، وڻن سان ماحول بهتر ۽ قدرتي حسن ۾ اضافو ٿيندو، وڻ پوکڻ سان فضائي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ٿيندي.
وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪتان کي ڪيترين ئي نعمتن سان نوازيو آهي، کين ڏينهن رات محنت ڪري انهن نعمتن مان فائدو وٺندو آهي.
You might also like