ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عالمي بينڪ سنڌ سولر سسٽم جي 2 لک يونٽس جي ورهاست بابت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي وفد سان اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر شاهه، سعيد غني، سردار شاهه، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي جاري ۽ نون منصوبن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته عالمي بينڪ جا 3 ڏهائي 4 بلين ڊالرن جا 14 منصوبا جاري آهن.
سندس چوڻ هو ته جائزي جو مقصد ورلڊ بينڪ جي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ آهي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ورلڊ بينڪ جا 3 ڏهائي 4 بلين ڊالرز جا 14 منصوبا جاري آهن، هو پاڻ هر منصوبي جي اڳڀرائي جي نگراني ڪندو آهيان.
هن چيو ته منصوبن بابت اڳڀرائي رپورٽ پي اينڊ ڊي عالمي بينڪ سان شيئر ڪندي آهي، ڪراچي ۾ موبيلٽي پروجيڪٽ جو جائزو مئي ۾ ورتو ويو هو، يلو لائن جو روڊ انفرا اسٽرڪچر، يلو لائن بي آر ٽي کي هلائڻ ۽ اسٽاف جي فني تربيت شامل آهي.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته بي آر ٽي يلو لائن تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ معاهدي تي صحي 10 آگسٽ تي ڪئي ويندي.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته 6 آگسٽ تي ڄام صادق پل جي ڊيزائن کي قطئي شڪل ڏني وئي آهي، ڊيزائن ۾ ڪجهه دير ٿي آهي، جنهن کي مڪمل ڪرڻ جو هو پاڻ نگراني ڪري پيو.
صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ هو ته لوڪل ڪائونسلز لاءِ 9 ڏهائي 68 ملين ڊالرن جو ڪم مڪمل ٿي چڪيو آهي.
هن چيو ته پراپرٽي ٽيڪس جي سروي لاءِ فرم هائير ڪئي وئي آهي، 30 آگسٽ کان ڪم شروع ڪيو ويندو…….