خالد لنڊ جا پٽ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جا منصوبي ساز قرار: ذريعا

گهوٽڪي ( رپورٽ :آزاد مھر) عوامي آواز جي شهيد رپورٽر صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ذريعن موجب، پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جا 2 پٽ پوليس جاچ ۾ منصوبي ساز قرار ڏنا ويا آهن.
ذريعن موجب، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي سراج احمد لاشاري پهرين آگسٽ تي جاچ رپورٽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جا 2 پٽ پوليس جاچ ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل جا منصوبي ساز قرار ڏنا ويا آهن.
پوليس ذريعن موجب، صحافي جي قتل ۾ ايم اين اي خالد لنڊ جا 2 پٽ نور محمد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ سندن مينيجر عبدالله لنڊ منصوبي ساز طور ملوث آهن.
پوليس ذريعن موجب، صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ اصغر لنڊ ۽ سندس ڀاءُ برڪت لنڊ سڌو سنئون ملوث آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.