لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اقتدار جو طالب قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ٻهروپيو آهي ۽ اين آر او لاءِ پني رهيو آهي جيڪو کيس ناهي ملي رهيو، عمران خان هاڻي پاڻ سڀ کان وڏي غلط فهمي جو شڪار آهي، سڀني کي سندس اصليت سمجهه ۾ اچي وئي آهي، هو اقتدار جو طالب آهي.
هن چيو ته ٺڳ ڪوڙ ڳالهائي 4 سال عوام کي غلط فهمين جو شڪار بڻايو. ڪڏهن سائفر ڦڙڪايو ته ڪڏهن آمريڪا جو نالو ورتو. عمران خان روئي، رينگي يا پٽڪو ڪري، اين آر او نه ملندو نه ئي ڪيس ختم ٿيندا، کيس جواب ڏيڻو پوندو.
هن مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته 9 مئي ۽ ايئر بيس تي حملو ڪنهن فرد خلاف هو، ڪرنل شير خان جو مجسمو ٽوڙڻ، فوجي ٺڪاڻن، قائد اعظم هائوس ۽ ريڊيو پاڪستان تي حملو ڪنهن فرد خلاف هو، جي ايڇ ڪيو تي حملو اداري خلاف نه ته ڪنهن فرد خلاف هو؟ ملڪ جي ڊيفالٽ معيشت جي تباهي ۽ مهانگائي جو طوفان آڻڻ ڪنهن فرد خلاف حملو هو؟