لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن 25-2024 ۾ 3 نوان چيمپيئنز ٽورنامنٽن ڪرائڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
چيمپئنز ٽورنامينٽ جي ٽن فارميٽس ۾ چيمپئنز ڪپ ون ڊي، چيمپيئنز ڪپ ٽي 20 ۽ چيمپيئن فرسٽ ڪلاس ڪپ شامل هوندا.
ان حوالي سان چيئرمين بي سي بي محسن نقوي جو چوڻ هو ته انهن ٽورنامنٽس جو مقصد اسان جي ڪرڪيٽ کي عالمي معيار تي آڻڻ آهي ڇو ته ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل وچ ۾ وڏو اسپيس آهي ان ڪري ڊوميسٽڪ چيمپيئنز ڪپ هر سال ڪرايو ويندو.
چيئرمين پي سي بي وڌيڪ چيو ته اسان جي موجوده رينڪنگ پاڪستان جي حقيقي صلاحيت جي عڪاسي نٿي ڪري ان ڪري اسان کي اصل پوزيشن بحال ڪرڻي آهي ۽ مان پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مستقبل لاءِ تمام گهڻو پراميد آهيان.
هن چيو ته چيمپيئنز ڪپ ۾ 5 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ انٽرنيشنل رانديگر به کيڏندا، چيمپيئنز ڪپ ون ڊي، چيمپيئنز ڪپ ٽي 20 ۽ چيمپيئنز فرسٽ ڪلاس ڪپ ٽنهي فارميٽ ۾ منعقد ٿيندو.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته نئين ڊوميسٽڪ سيزن ۾ فرسٽ ڪلاس ۽ ٻين ميچن جو انگ وڌي ويندو، ڊوميسٽڪ رانديگرن جي معاوضن ۽ ميچ فيس ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته مون کي آيل ڪجهه مهينا ٿيا آهن، پاڪستان جو ڊوميسٽڪ ڍانچو خراب ناهي ان ڪري ڊوميسٽڪ ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
چيئرمين پي سي بي چيو ته چيف سليڪٽر کي ميرٽ تي رانديگرن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ۽ ٽيم ۾ بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي، مون کي ڪرڪيٽ جي ڪيتري ڄاڻ آهي، اهو وقت ٻڌائيندو هن وقت مقصد ڪرڪيٽ کي بهتر بڻائڻ آهي.
واضح رهي ته نئين سيزن جي شروعات پهرين سيپٽمبر تي چيمپيئنز ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ سان ٿيندي.