اسلام آباد(شهزاد اقبال)مهانگي بجلي وبال جان بڻي وئي،جولاءِ جا بل وڌيڪ پريشان ڪندا، صورتحال ڳنڀير ٿيڻ لڳي، 40 سيڪڙو ادائيگيون چيني آءِ پي پيز کي ٿيڻ جو به انڪشاف،چيني آءِ پي پيز پنهنجي منافعي ۾ ڪا به تبديلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،ڪيپسٽي چارجز تي ڪا به نظرثاني نه ڪئي ويندي،هلندڙ سال بجلي سستي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي،حڪومتي وزيرن جي بيانن مان واضح پيغام ملي رهيو آهي ته سستي بجلي ۾ ٻه کان چار سالن جو وقت لڳندو،200 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفن کي 50 ارب رپين جي سبسڊي جي هام هڻندڙ حڪومت انهن ئي صارفن کان سال ۾ هڪ هزار ارب رپيا اوڳاڙيندي،ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان بجلي اگهن ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،بجلي جي بلن ۾ ٽيڪس گهٽ ڪري رليف ڏئي سگهجي ٿو،بجلي جا گهٽ ٿيندا ته شايد ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي کپت وڌي وڃي، بجلي جي کپت وڌندي ته ڪيپسٽي چارجز ۾ گهٽتائي ٿيندي،هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سستي ۽ پنجاب ۾ مهانگي بجلي ٺهي رهي آهي،آءِ پي پيز سان پي ٽي آءِ ڳالهه ڪئي هئي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهائي سگهجي ٿو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 04 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو