طاقتور زميندار جي وحشت،معصوم ٻار قتل

سيري/کٿڙ(رپورٽ: ڪرشن راٺوڙ/ناصر علي) ڏاڍا ۽ مالي طور تي طاقتور آپي کان نڪتل، زميندار فصل جي ڀيل ڪرڻ جو الزام هڻي ٻڪرين جي ڌنار نينگر ۽ ٻين سان گڏ راند کيڏندڙ معصوم نينگر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار جي گرفتاري جي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو،  نينگر جي وارثن حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي قاتل زميندار جي گرفتاري لاءِ لاش رکي ڌرڻو هنيو. سيري چيڪ پوسٽ جي حد انصاري فارم ڀرسان زميندار آغا زبير پٺاڻ پٽ آغا نور نبي پٺاڻ ٻڪريون فصل ۾ وڃڻ ۽ ڀيل ڪرڻ جو الزام هڻي ٻارڙن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ٻيا ٻارڙا گولين کان بچي ويا، جڏهن ته ٻارڙن سان گڏ راند کيڏندڙ 9 ورهين جو طاھر ملاح پٽ مٺو ملاح سيني ۾ گولي لڳڻ ڪري ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو،جنهن کانپوءِ جوابدار ھوائي فائر ڪندي فرار ٿيڻ وارو رستو اختيار ڪيو، فائرنگ جو آواز ٻڌي نينگر جا وارث پھتا، جن کي ڏسي زميندار آغا زبير پٺاڻ موقعي تان فرار ٿي ويو، وارث نينگر جو لاش سيري ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي ايس ايڇ او سيري ارسلان لطيف چنا ميڊيڪل ليٽر ڏيندي رڳو واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي،  پوليس پاران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ ۽ ايف آئي آر داخل نه ڪرڻ خلاف وارثن نينگر جو لاش حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ تي رکي روڊ بلاڪ ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نينگر جي امڙ بيگو ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان سان ظالم زميندار وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان جي معصوم کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي،  قاتل کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جو ڪيس داخل ڪري قاتل کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ھوڏانھن ٽي ڪلاڪ روڊ بند ھئڻ ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون ۽ ھزارين مسافر ستل انتظاميا جي لاپرواھي سبب پريشان رھيا.

سوين ماڻهن جو ڌرڻو حيدرآباد روڊ بلاڪ، پوليس جون منٿون

کٿڙ/ سيري: معصوم نينگر طاھر ملاح کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ جي خبر ٻڌندي ئي علائقي واسي توڙي ملاح برادري جا  سوين ماڻهو سيري چيڪ پوسٽ جي حد ملاڪاتيار روڊ کٿڙ اسٽيشن ۽ گوني پل برفت ڳوٺ وٽ پهچي ويا، جتي پرويز ملاح، آچار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ بند ڪيو ويو، جيڪو پڻ ڊي ايس پي ھوسڙي  رحيم چانڊيو جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي خاطري تي کولرايو.

پوليس ٻارڙي جي قتل بعد خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندي رهي!

سيري/ کٿڙ: پوليس روايتي سستي جو مظاھرو ڪندي معصوم ٻارڙي جي قتل واري واقعي بعد خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا  ڪندي رهي، پوليس اهلڪار پوليس پوسٽ جو مين گيٽ بند ڪري ويھي رھيا، ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڊي ايس پي ھوسڙي رحيم چانڊيو احتجاج واري ھنڌ پھچي معصوم نينگر جي وارثن سان ڳالھيون ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته قاتل کي ھر حال ۾ گرفتار ڪنداسين ۽ توهان جي ايف آءِ آر به داخل ڪئي ويندي، اهڙي خاطري کانپوءِ وارثن احتجاج ختم ڪندي روڊ کولي ڇڏيو.

سرداري نظام ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي: جسقم اڳواڻ

کٿڙ: معصوم نينگر طاهر ملاح جي قتل ۾ ملوث جوابدار زميندار جي گرفتاري جي لاءِ ٿيل احتجاج ۾ شامل جسقم ضلعي  حيدرآباد جي اڳواڻ نواب بڙدي، لياقت ملاح، آصف پنهور، خالد ملاح، راڻو ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي، هر ڏينهن سنڌ ۾ غريب ۽ مسڪينن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته والدين سالن جا سال تڪليفن سان پنهنجن ٻچن کي پالي وڏو ڪن ٿا ته هي وڏيرا ۽ سردار انهن معصومن کي هڪ ئي گولي سان معمولي ڳالھه تان ماريو ڇڏين، هنن چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته حيدرآباد ضلعي ۾ ملاح برادري ۽ جسقم حيدرآباد پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

پوليس زميندار کي ڀڄائڻ بعد اوطاق تان ڦيرو کائي واپس آئي!

سيري/ کٿڙ: سيري پوليس ڊي ايس پي ھوسڙي رحيم چانڊيو جي حڪم تي مقتول معصوم نينگر جي امڙ بيگم عرف بيگو ملاح جي  فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد جان آجي ڪرائڻ لاءِ ڏيکاءُ خاطر ۽ اها پڪ هجڻ ته جوابدار زميندار فرار ٿي ويو آهي بعد جوابدار آغا زبير پٺاڻ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس ٻني واري اوطاق تي پھتي، جتان قاتل اڳ ئي فرار ٿي ويل ھو، ذريعن جو چوڻ آھي ته قاتل آغا زبير پٺاڻ جو ڪمدار نانو ملاح کي زمين واري اوطاق تان پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. سيري پوليس ڪنهن به گرفتاري کان لاعلمي ظاھر ڪندي چيو ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آھي، جڏھن ته انصاري زرعي فارم جو مالڪ ڊپٽي ڪمشنر زين انصاري پڻ اھڙي اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھچي وارثن کان واقعي بابت معلومات ورتي ۽ سيري پوليس جي روايتي سستي تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته سيري پوليس کي ھرحال ۾ قاتل کي گرفتار ڪرڻ گھرجي ٻئي صورت ۾ سيري انتظاميا خلاف ادارتي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جماعت اسلامي پاران طاهرملاح جي قتل جي سخت مذمت

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ حيدرآباد سيري ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو ملاح  جي 09 سالن جي معصوم ٻار طاهر ملاح کي ٻڪريون فصل ۾ پوڻ جي ڪري مقامي وڏيري آغا زبير دراني پٺاڻ پاران سخت تشدد کان پوءِ گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جا وڏيرا 16 سالن جي لاڳيتي اقتدار کان پوءِ بدمست هاٿي بڻجي چڪا آهن جن کان هاڻي عوام جي جان، مال ۽ عزتون به محفوظ ناهن، ناظم جوکيو، فاطمه فرڙو، ادي اُم رباب چانڊيو جو پورو خاندان قتل ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ سرڪاري ڀوتار ملوث رهيا آهن جن کي سنڌ پوليس ۽ حڪومت جي مڪمل پٺڀرائي حاصل رهي آهي، معصوم طاهر ملاح جو قتل وڏيرن کي ڦٻڻ ڪونه ڏينداسين، وارثن کي انصاف ملڻ تائين جماعت اسلامي هر فورم تي ساڻس گڏ آهي. هوڏانهن جماعت اسلامي سيري جي اڳواڻن سابق اميدوار جماعت اسلامي پي ايس 61 ايڊووڪيٽ  فتح محمد شورو ناظم جماعت اسلامي زون سيري ايڊووڪيٽ  نعيم مغل غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا طاهر ملاح جي وارثن سان تڏي تي پهچي تعزيت ۽ ڌرڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.