پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ بعد شير افضل مروت جو اهم بيان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ طرفان پارٽي جي بنيادي رڪنيت ختم ٿيڻ تي اڳوڻي اڳواڻ شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته مان عمران خان جو سپاهي هيس، آهيان ۽ رهندس، پارٽي جي فيصلي جو احترام ڪريان ٿو، پنهنجي حيثيت ۾ ليڊر جي آزادي جي جيڪا ڪوشش ڪري سگهيس اها ڪندس.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته منهنجي قائد جي ڪنن ۾ زهر ڀريو ويو، غلط فهميون پيدا ڪيون ويون. ڪوشش ڪندس ته ساڻس ملي موقف پيش ڪريان.
هن وڌيڪ چيو ته کيس مطمئن نه ڪري سگهيس ته سيٽ سندس امانت آهي، ان ئي وقت واپس ڪندس. ڪنهن جي دل آزاري تي معذرت ڪريان ٿو، اميد ڪريان ٿو ته پارٽي اڳواڻ منهنجي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.