اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ برساتي پاڻي ۾ وهنجڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا
پوليس موجب افسوس ناڪ واقعو اسلام آباد جي سيڪٽر ايف اليون 2 ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا،
پوليس موجب، امدادي ٽيمن ٻارڙن جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ريسڪيو ذريعن موجب، روڊ ڪناري ٽرانسفارمر کليل هو ۽ ٻارڙا اتي ئي جمع ٿيل پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا.