پشاور (ويب ڊيسڪ) گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي ڳالهين جي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.
خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪندي فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جيان ڪڏهن به نه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ۽ نه هنن جيان اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي حڪومت ۾ اچڻ چاهيون ٿا.
هن جو چوڻ هو ته اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته اسان جي حڪومت باجوه هلائيندو آهي پر پي ٽي آءِ وارا چوندا هئا ته هو هڪ پيج تي آهن ۽ باجوه هنن جي حڪومت هلائيندو هو پر باجوه جي رٽائرمينٽ کان پوءِ پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته اهو سڀني کان وڌيڪ خراب هو.
ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته وفاق کان صوبائي حقن تي ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ ميمبرن جو اعلان جلد ڪنداسين. جرڳي جا ميمبر دليلن سان وفاق کان پنهنجو حق وٺي ايندا. پي ٽي آءِ اسان سان گڏ جرڳي ۾ ويهندي ته ڀليڪار چونداسين جيڪڏهن نه ويٺا ته اسان کي ڪابه تڪليف نه آهي.
فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته اها ڪا سٺي ڳالهه نه آهي ته اوهان يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جون زمينون وڪرو ڪريو، جيستائين مان آهيان هنن کي هڪ به زمين وڪرو ڪرڻ نه ڏيندس.