حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي سيري ۾ فصل جي ڀيل تان بااثر زميندار 10 ورهين جي ڌنار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، ٻڪريون فصل ۾ پوڻ تان زميندار ڌنار نينگر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو.
ايس ايس پي حيدرآباد چيو آهي ته زميندار جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، پوليس جوابدار جي ڳولا ڪري رهي آهي.
ٻئي طرف مقتول نينگر جي وارثن پاران ٽنڊي محمد خان روڊ تي ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.