ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ايڪشن هيرو جان ابراهيم پنهنجي نئين فلم جي پرموشن دوران صحافي جي سوال تي آپي مان نڪري ويو.
جان ابراهم اڄڪلهه پنهنجي نئين فلم ” ويدا“ جي مشهور ۾ رڌل آهي ۽ فلم جي ٽريلر جي مهورتي تقريب دوران اداڪار فلم جي ٻي ڪاسٽ سان گڏ صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏنا، ان دوران هڪ سوال جان ابراهيم کي چيڙائي ڇڏيو.
تقريب ۾ موجود صحافي جان ابراهيم کان سوال ڪيو ته ” اوهان جي نئين فلم ويدا جو ٽريلر سٺو آهي، ان کان اڳ اوهان جي فلم ستيا ميو جيتي وري ساڳي فلم جو پارٽ ٽو ڏٺو ۽ وري پٺان آئي جنهن سٺو ڪاروبار ڪيو پر اسان ڏسي رهيا آهيون ته اوهان لاڳيتو هڪ ئي قسم يعني ايڪشن ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو؟ ائين ڇو ؟ اوهان ڪجهه نئون ڇو نه پيا ڪريو؟
صحافي جي بيان تي جان ابراهيم تپي باهه ٿي ويو ۽ جواب ڏيڻ بدران ابتو صحافي کان سوال ڪيو ته اوهان اِها فلم ڏٺي آهي؟ صحافي جي انڪار تي جان ابراهيم چيو ته ڇا مان خراب سوالن ۽ احمد ماڻهن کي رد ڪري سگهان ٿو؟
اداڪار صحافي کي چيو ته مان اوهان کي رڳو ايترو چوڻ چاهيان هو ته هيءَ فلم منهنجي شروعاتي فلمن کان مختلف آهي، اوهان پهريان فلم ڏسو پوءِ راءِ ڏيو.
هن چيو ته فلم ڏسو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو مان حاضر آهيان پر جيڪڏهن اوهان غلط هوندا ته مان اوهان کي چيري ڇڏيندس.
جان ابراهيم جي صحافي جي سوال تي ردعمل جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدار ڪٿي جان ابراهيم جي سخت رويو اختيار ڪرڻ تي تنقيد ڪري رهيا آهن ته ڪٿي صحافي جي سوال کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن.