22 لک قرض لاهڻ لاءِ 4 ڪروڙ ڀنگ جي لالچ گهر اُجاڙي ڇڏيو!

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ مڇر ڪالوني ۾ ڀنگ لاءِ اغوا ڪيل ٻن ٻارڙن جا سندن مامي جي ڪلينڪ مان  لاش برآمد ٿيا،  پوليس جوابدار عطائي ڊاڪٽر عبدالڪريم کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ڀاڻيجا 8 سالن جو احمد ۽ 10 سالن جو حسن 12 وڳي ڪلينڪ تي آيا هئا، 22 لک رپيا قرض لاهڻو هو، انڪري 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ لاءِ نيت خراب ٿي ۽ ڏوهه جو رستو اختيار ڪيو، هن چيو ته ٻارڙن کي برياني کارائڻ کانپوءِ لسي ۾ بيهوشي واري دوا ملائي ڏني ۽ ٻارڙا 4 کان 5 وڳي جي وچ ۾ بيهوش ٿي ويا، هٿ ۽ پير ٻڌڻ وقت ٻار هوش ۾ هئا، ٻارڙن کي بيهوشي واري دوا جو ڊوز وڌيڪ لڳي ويو، جنهن سبب اهي فوت فوت ٿيا آهن، هن چيو ته ٻارن کي بيهوش ڪرڻ جو مقصد 22 لک رپين جو قرض لاهڻ لاءِ سندن پيءُ کان 4 ڪروڙ رپيا ڀنگ وٺڻو هو پر ٻار فوت ٿي ويا، ياد رهي ته جوابدار عبدالڪريم لياري جنرل اسپتال ۾ ٽيڪنيشن طور ڀرتي ٿيل آهي، ۽ گذريل 15 سالن کان عطائي ڊاڪٽر طور ماڙي پور مڇر ڪالوني ۾ ڪلينڪ هلائي رهيو آهي، ٻارن جي پيءُ موجب جوابدارن ٻارن جا لاش ڪلينڪ ۾ لڪائي ڇڏيا هئا، ٿاڻي تي وٺي وڃڻ بعد هن ڏوهه جو اعتراف ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.