لاهور (معظم فخر) پي ٽي آءِ جي ڊجيٽل ميڊيا گروپ کي ڀارت مان مدد ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو انڪشاف تازو گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن پڇا ڳاڇا دوران ڪيو آهي. ايف آءِ اي ۽ پوليس اهڙي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي آهي. امڪان ظاهر ڪيو پئي وڃي ته رئوف حسن کان آڏي پڇا دوران اڃا اهم راز فاش ٿي سگهن ٿا. پوليس رپورٽ موجب رئوف حسن جا ڀارتي ماڻهن سان رابطا هئا، جيڪي سندن مدد ڪندا هئا ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ انهن جي سهڪار سان هلايو پيو وڃي. جاچ دوران رئوف حسن اعتراف ڪيو آهي ته عمران خان ۽ آمريڪا ۾ موجود ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي وچ ۾ هو رابطي جو ڪم ڪندو هو. هن وٽان ڊوائيس ۽ ٻيون شيون به هٿ ڪيون ويون آهن. پي ٽي آءِ فيبروري جي اليڪشن ۾ مهم هلائڻ لاءِ جنهن ڪمپنيءَ جون خدمتون حاصل ڪيون هيون، اها ڀارتي شهر بنگلور جي آهي، رئوف حسن ان حوالي سان ڀارتي شهري راهول سان بحرين ۾ ملاقات ڪئي هئي، ان لاءِ کيس جهاز جي ٽڪيٽ به ان ڀارتي شخص موڪلي هئي. جنهن تي هن پهريان بحرين ۽ پوءِ لنڊن جو دورو ڪيو هو. ٻئي طرف حڪومت پاران فائر وال لڳائڻ کانپوءِ رياست ۽ فوج خلاف پروپئگنڊا ڪندڙ 3 هزار اڪائونٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته 40 لک ٻيا به اهڙن اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن وسيلي ان پروپئگنڊا کي پکيڙيو پيو وڃي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، 29 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو
Pti Socialmedia India