ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي مان مبينا اغوا ٿيل مشهور صنعتڪار ذوالفقار احمد هفتي کانپوءِ بازياب ٿي لاهور پنهنجي گهر پهچي ويو، ذوالفقار احمد کي 23 جولاءِ تي اڻڄاتل ماڻهو ماڙي پور روڊ تان زبردستي کڻي ويا هئا، سندس گاڏي ڇڏي ويا هئا، صنعتڪاري جي اغوا جو ڪيس 26 جولاءِ تي ڪلري ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.ذريعن موجب صنعتڪار ذوالفقار احمد هفتي کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي، ان کان اڳ وڪيل ميان علي اشفاق موجب لاهور ۾ ذوالفقار احمد جي پنهنجي خاندان جي ڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) ڏکڻ ڪراچي اسد رضا به ذوالفقار احمد جي گهرڀاتين سان رابطي جي تصديق ڪندي چيو ته سندس گهروارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، صنعتڪار ذوالفقار احمد جلد پنهنجي گهر پهچندو.