ڪيميڪل کير انساني صحت لاءِ هاڃيڪار

تحرير؛ وفا گولو

کير انساني خوراڪ جو هڪ اهم جز آهي.جنهن جو واهپو روزمره جي زندگي ۾ اهميت رکي ٿو روزانو گهرن دڪانن تي کير جي تمام گهڻي خريد و فروخت ٿيندي آهي پر افسوسناڪ ڳالھه هي آهي ته هاڻي شهرن کان پوءِ ڳوٺن ۾ به نج کير ملڻ مشڪل بڻيل آهي جو هاڻي هر هنڌ ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿي رهيو آهي جنهن کي اسين مٺو زهر به چئي سگهون ٿا جنهن جي واپرائڻ سان انسان جسماني بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو اصل کير ۾ ڪيلشيم جو وڏو مقدار هوندو آهي جيڪو هڏن ۽ ڏندن جي مضبوطي لاءِ تمام ضروري آهي. ان کانسواءِ کير جسم کي پروٽين به ڏيندو آهي ۽ جسم جون وٽامنز جون ضرورتون به پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته کير جو روز هڪ گلاس پيئڻ سان 44 وٽامنز ضرورتون پوريون ٿي وينديون آهن.پر موجوده حالتن ۾ ڪيميڪل کير پيئڻ سان ماڻهن ۾ اڻڳڻيون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن جنهن طرف حڪومت يا ضلعي انتظاميه جي ڪا نظر نه آهي انسان مري رهيا آهن پر انتظاميه جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چُري.کير جي ڪيترن ئي قسمن ۾ معدنيات جيتري ڪيلشيم جو ڪو گهڻو مقدار ناهي هوندو تنهن هوندي به کير مان ملائي وغيره ٺاهي سگهجي ٿي.

اڄڪلهه جي کير جي ڳالهه ڪجي ته هر ڪو اصل کير يا بنا ملاوٽ وارو کير ڳوليندي نظر ايندو آهي. کير جو مقدار وڌائڻ لاءِ ان ۾پاڻي وڌو ويندو آهي ۽ ان کي گهاٽو ڪرڻ لاءِ ان ۾ مختلف ڪريمون وجهي مارڪيٽ ۾وڪرو ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان صحت کاتي توڙي اختيارين ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون آهن جن دوران مڪمل ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير به هٿ ڪيو ويو آهي ۽ يقينن اهڙا کير انساني صحت لاءِ فائديمند ته نٿا ٿي سگهن پر ويتر نقصانڪار بڻبا آهن. کير ۾ ملاوٽ ڪيئن ڳولجي؟ هتي آئون اوهان کي چار سولا طريقا ٻڌائيندسن.اوهان ٿورو غور ڪري اهي پنهنجي ذهن ۾ رکي ڇڏيو کير ۾ پاڻي جي ملاوٽ جاچڻ لاءِ توهان کي هڪ ننڍڙي ٽيسٽ ڪرڻي پوندي، هيءَ ٽيسٽ زبان سان ڪرڻ واري مطلب (چکڻ) واري ناهي نه ئي هيءَ ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ توهان کي ڪنهن ليبارٽري ۾ وڃڻ جي ضرورت پوندي. ان ٽيسٽ جي لاءِ توهان هڪ اسٽيل جي ٽرائي کڻو،ان کي ڀت سان اهڙي طريقي سان رکو جيئن ڪنهن سلائيڊ (لهواري سطح) جيان بڻجي وڃي ۽ پوءِ انجي مٿان کير جو هڪ قطرو وجهو. جيڪڏهن کير جو اهو قطرو تيزي سان هيٺ وڃڻ لڳي ۽ ان جي پٺيان ڪو نشان به نه ٺهي ته پَڪ سمجهو ان کير ۾ پاڻي مليل آهي يا اهو مڪمل ڪيميڪل وارو کير آهي.۽ اهو کير ملاوٽ وارو آهي. ٻئي طريقي ۾ توهان ٿورو کير کڻو ۽ ان کي ڪنهن ٿانوَ ۾ وجهي چُلهه يا ڪنهن باهه جي مٿان رکو. جڏهن کير صفا خشڪ ٿي ويندو ته ان جو مائو ٺهي پوندو. هاڻي ان مائي کي چيڪ ڪيو ته جيڪڏهن ان ۾ ڪنهن قسم جو سڻڀ ناهي ته سمجهي وڃو ان کير ۾ به ملاوٽ ٿيل آهي ۽ اهو کير توهان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهي. کير ۾ پاڻي وجهڻ کانپوءِ ان جي ڇڊائپ ختم ڪرڻ لاءِ کير ۾ اسٽارچ يا نشاستو گڏائي ملايو ويندو آهي، ائين ڪرڻ سان هڪ طرف ته کير گهاٽو ٿي ويندو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ کير جي مٿان ٿَريءَ جو به هڪ وڏو تهه اچي ويندو آهي. ان کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ کير جي هڪ پيالي ڀريو ۽ ان ۾ آيوڊين واري لوڻ جو هڪ چمچو وجهو، پوءِ ٿوري دير لاءِ انکي ڇڏي ڏيو جيڪڏهن کير جو رنگ بلو رنگ ۾ مٽجي وڃي ته اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو کير به ملاوٽ ٿيل آهي. کير ۾ ملاوٽ جي تڪليف کان بچڻ لاءِ منافعي خور ڪيميڪل جي مدد سان اڇي رنگ جو محلول ٺاهي به وڪڻڻ شروع ڪندا آهن جنهن جو اسان مٿي به ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهڙن ماڻهن کي مختلف جاين تي ڪارروائي ڪندي اهڙي ڪُڌي حرڪت ڪرڻ وقت ئي پڪڙيو ويندو آهي ۽ اهو نقلي کير صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار هوندو آهي. ان جي نشاني اها هوندي آهي ته جڏهن ان کير کي گرم ڪيو ويندو آهي ته فوري طور تي ان جو رنگ هلڪو ڦِڪو ٿي پوندو آهي جيڪڏهن کير گرم ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو رنگ هلڪو  ڦڪو ڪري وڃي ته سمجهي وٺو اهو کير اصلي ناهي.

سموري سنڌ اندر ڪيميڪل وارو کير وڪرو ٿئي ٿو اڪثر هوٽلن تي ڪيمڪيل کير جي چانھه جو ڪاروبار عروج تي آهي پر اسان جي شهر ٺل ۾ ان جو واهپو تمام گهڻو وڌي ويو آهي ڪيميڪل کير سبب شهري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن اهم بيماري گڙدن جي فيل ٿيڻ جي ظاهر ٿي آهي ٺل جي پرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيمڪيل کير جو ڪاروبار عروج تي آهي، پر ان هوندي به تعلقي انتظاميا هوٽلن تي ڪيميڪل کير وڪرو ڪندڙ خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي.

ان ڪيميڪل کير جي خلاف هتان جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن روشن ڪنراڻي،جاويد ساغر،نثار تنيو،شهير ٻرڙو ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي اهو چيو آهي ته شهر ۾ کير ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ جو ڪاروبار جلد بند ڪرايو وڃي ان حوالي سان انهن اي سي ٺل سان به ملاقات ڪري ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي جنهن کان پوءِ اي سي ٺل هڪ نوٽيس ڪڍي ڪاروائي ڪرڻ جي خبرداري ڏني آهي.پر اسين ته سموري سنڌ اندر ان ڪيميڪل کير جي بندش جو مطالبو ڪريون ٿا ان طرف سنڌ سرڪار کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ڇو ته انساني زندگي ملاوٽ جي کير سبب گهڻي متاثر ٿي رهي آهي اسان جي شهر ۾ ٻن ٽن مهينن اندر ڪيترائي شهري ان زهر نما ڪيميڪل کير سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن انڪري ٺل جي سمور باشعور شهرين کي سنڌ سرڪار توڙي ڊي سي جيڪب آباد کان اهو مطالبو ڪرڻ گهرجي ته پوري ضلعي اندر جتي جتي ڪيميل کير وڪرو ٿي رهيو آهي ان خلاف ڪاروائيون ڪري انسان زندگيون بچايون وڃن ائين نه ٿئي جو هي مٺو زهر سموري ضلعي جي انسان کي پنهنجي خاموش پڪڙ ۾ آڻي جنهن کانپوءِ اسين رڳو دانهون ڪندا رهجي وڃون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.