پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور بنون امن جرڳي جا سمورا مطالبا مڃي ورتا.
سرڪاري ذريعن موجب، حڪومت طرفان تسليم ڪيل مطالبا ايپڪس ڪميٽي آڏو رکيا ويندا ۽ اجلاس ۾ بنون واقعي بابت ڪميشن جوڙڻ جي طريقيڪار تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، وڏي وزير امن جرڳي جي ميمبرن خاطري ڪرائيندي چيو ته آپريشن عزم استحڪام بابت آءِ ايس پي آر وضاحت ڪري ڇڏي آهي عزم استحڪام آپريشن نه پر حڪمت عملي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن بنون امن جرڳي ۾ شامل ميمبرن خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ملاقات ڪئي هئي، وڏي وزير بنون واقعي بابت جوڙيل جرڳي جا مطالبا ايپڪس ڪميٽي آڏو رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.
ٻئي پاسي جرڳي جي ميمبرن ايپڪس ڪميٽي جو فيصلو اچڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
You might also like