اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن جي ذميواري مان نڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم پيٽروليم شين جا اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي مرحيلوار پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب، وزيراعظم جي هدايت تي پيٽروليم وزير اهم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا چيئرمين کي قيمتون ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي اثرن ۽ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جا اگهه ڊي رگوليٽ ڪرڻ جو حتمي فريم ورڪ وزيراعظم کي پيش ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ڊيلرز آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏيڻ جي مخالفت ڪئي هئي ۽ کليل اختيار ملڻ تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين طرفان ناجائز منافعي خوري جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو.
You might also like