بلوچستان: تربت ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا، شهر ۾ خوف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزله پيما مرڪز موجب، زلزلي جي شدت 4.2 ۽ گهرائي 35 ڪلوميٽر رڪارڊ ٿي. زلزلي جو مرڪز تربت کان 24 ڪلو ميٽر پري اتر اولهه ۾ هو.
زلزلي سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته زلزلي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان اطلاع ناهن مليا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.