ڪراچي واسين لاءِ اهم خبر، سنڌ حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پيپلز بس سروس ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽي نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيپلز بس سروس ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽي نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽرانسپورٽ کاتي موجب، هاڪس بي کان ٽاور تائين روٽ نمبر 13، 22 جولاءِ کان شروع ٿيندو، روٽ نمبر 12 ۾ واڌ ڪئي ويندي، 23 جولاءِ کان هي کوکرا پار بدران قائد آباد ۽ ڪورنگي رستي ميمڻ ڳوٺ کان ٽاور تائين هلندو.
ٽرانسپورٽ کاتي جو چوڻ آهي ته بحريه ٽائون کان نمائش تائين هڪ اليڪٽرڪ بس جو نئون روٽ، اي وي 4، 24 جولاءِ کان شروع ٿيندو، يوسف ڳوٺ کان ٽاور تائين روٽ 8، 25 جولاءِ کان شروع ٿيندو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته نوان روٽ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن جو حصو آهن.
هن چيو ته روٽ متعارف ڪرائڻ جو مقصد شهرين کي سستي، آسان ۽ آرام واري سفري سهولتن جي فراهمي آهي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ وڌيڪ بسون آنديون وينديون ۽ وڌيڪ نوان روٽ شروع ڪيا ويندا، عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ سنڌ سرڪار جو عزم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.