” اهو خراب عمل آهي“ سنيل گواسڪر بالرن تي ڏمرجي پيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر بالرن جي جديد عادتن خلاف خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
سنيل گواسڪر بالرن جي بائونڊري لائين تي ريفرشمينٽ وٺڻ تي ڇتي تنقيد ڪندي ڊرنڪس بريڪ کانسواءِ پاڻي پيئڻ يا ڪجهه کائڻ واري عادت خراب قرار ڏنو.
سنيل گواسڪر چيو ته بالر اوور ختم ڪندي ئي بائونڊري تي بوتل پي فريش ٿيندا آهن ۽ وري فيلڊ ڪندا آهن، بالرن جي اهڙي جديد عادتن تي اختيارين اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.
سندس چوڻ هوته آءِ سي سي قانون جو فائدو رڳو بالر کڻي رهيا آهن، بالر تازا توانا ٿي ويندا آهن پر بيٽرن کي اِها سهولت حاصل نه آهي، بالرن کي ڇهن بال هلائڻ کانپوءِ اِها سهولت حاصل آهي، بيٽرز کي هڪ اوور رنسون ٺاهڻ تي سهولت ناهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪپتان چيو ته فارميٽ ڪهڙو به هجي ڪرڪيٽ ۾ توانائي گهربل هوندي آهي، ڪرڪيٽ ميدان ۾ ماضي جيان هر ڪلاڪ کانپوءِ رڳو ڊرنڪ بريڪ هجي، يا صرف مخالف ٽيم جي ڪپتان يا امپائر کان اجازت وٺي پاڻي پيئڻ گهرجي.
سنيل گواسڪر وڌيڪ چيو ته آءِ سي سي قانونن موجب شيڊيول ٽائم کانسواءِ جيڪڏهن وقت جو زيان نه ٿئي ته ۽ ڪو رانديگر پريشان نه ٿئي ته پاڻي پيئڻ تي بندش نه آهي.

SunilGavaskar ICC IndianCricketTeam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.