ڪراچي جي موسم بابت اهم اَپ ڊيٽ جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته 21 جولاءِ کان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي موسم ۾ بهتري ايندي.
چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب، شهر جو آسمان اڄ جهڙالو آهي ۽ هوا جي گهٽ دٻاءُ جي شدت ۾ گهٽتائي اچڻ کانپوءِ سامونڊي هوائون جزوي بحال ٿيون آهن، هوا جي گهٽ دٻاءُ جي باقيات جي اثر هيٺ سڀاڻي به سامونڊي هوائون مڪمل بحال نه ٿينديون.
چيف ميٽرولوجسٽ چيو ته اڄ ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جو امڪان آهي جڏهن ته سڀاڻي ڪراچي جي ٻين حصن ۾ به هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي.
سردار سرفراز چيو ته 21 جولاءِ کان شهر ۾ سامونڊي هوائون معمول موجب گُهلڻ لڳنديون ۽ موسم ۾ بهتري ايندي، سامونڊي هوائن جي بحاليءَ سان گڏ شام ۽ رات جي وقت بوندا باندي به ٿيندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.