اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گهرواري جي بريت چئلينج ڪري ڇڏي.
خامور مانيڪا عدت ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي بريت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو جنهن ۾ حڪومت، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اپيلٽ ڪورٽ ڪيس جا اهم پاسا نظرانداز ڪندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا ڪالعدم قرار ڏني، اپيلٽ ڪورٽ فريادي ڌر جي شاهدن جي بيانن کي به ڌيان ۾ نه رکيو، ڪورٽ طرفان ٻنهي جوابدارن جي بريت جو فيصلو قانوني طور قائم نه ٿو رهي سگهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايڊيشنل سيشن جج جو سزا خلاف اپيلون منظور ڪرڻ جو 13 جولاءِ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو 3 فيبروري وارو فيصلو بحال ڪري ٻنهي جي سزا بحال ڪئي وڃي.
KhawarManika BushraBibi ImranKhan Iddatcase