دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بئنڪن، فضائي ڪمپنين، ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنين، ٽيلي ويزن، رڊيو نشريات ۽ سپر مارڪيٽس جا سسٽمز آمريڪي سائبر سيڪيورٽي ڪمپني جي سسٽم ۾ خرابي سبب آف لائين ٿي ويا.
سائبر سيڪيورٽي ڪمپني ڪرائونڊ اسٽرائيڪ جي سافٽ ويئر ۾ خرابي سبب سموري دنيا ۾ مائيڪرو سافٽ جا آپريٽنگ سسٽم ونڊوز تي ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽرز متاثر ٿيا.
ڪرائوڊ اسٽرائيڪ موجب، آمريڪا، برطانيا، نيوزيلينڊ، ڀارت ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ونڊوز ورڪ اسٽيشنز اسڪرين آف ڊيٿ ايرر سبب آف لائين ٿيا.
ڪمپني موجب، سافٽ وئير ۾ ٿيل خرابي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ سسٽم جي بحالي تي ڪم هلندڙ آهي.
ٻئي پاسي مائيڪرو سافٽ ان حوالي سان اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو پر ان جي سروس اسٽيشن پيج تي چيو پيو وڃي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.
گلوبل سيڪيورٽي فرم سسٽم خراب، سموري دنيا ۾ ڪاروباري ۽ فضائي آپريشنز معطل
You might also like