القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن جو ويجهو ساٿي پنجاب مان گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ وڏي ڪارروائي ڪندي القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن جي ويجهي ساٿي کي گجرات مان گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عثمان اڪرم گوندل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سي ٽي ڊي پنجاب اساما بن لادن جي ويجهي ساٿي کي گرفتار ڪيو آهي، دهشتگرد امين الحق کي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن بعد گرفتار ڪيو ويو .
هن چيو ته گرفتار دهشتگرد امين الحق القاعدا جو اهم ويڙهاڪ آهي جنهن جو نالو گڏيل قومن جي عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ به شامل آهي.
سندس چوڻ هو ته امين الحق جي گرفتاري بعد ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، عالمي سطح تي امين الحق اساما بن لادن جي سيڪيورٽي سپروائزر طور ڄاتو ويندو هو.
ڊي آ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته دهشتگرد 2007 ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ چار سال سزا ڪاٽي هئي، دشمن ملڪ جي ايجنسي سندس گرفتاري تي تمام گهڻي پروپئگنڊا ڪئي هئي، هي آگسٽ 2021 “ افغانستان ۾ نظر آيو ۽ ويجهڙائي ۾ پاڪستان داخل ٿيو، دهشتگرد پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو هو ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته دهشتگرد وٽ پاڪستان جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ به آهي، سندس ڪارڊ تي لاهور ۽ هريپور جي ايڊريس لکيل آهي، مٿس جيڪو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي اِها سزا کيس ڀوڳڻي پوندي.
سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته سي ٽي ڊي محفوظ پنجاب جي هدف تي عمل ڪري رهي آهي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ياد رهي ته القاعدا جي اڳوڻي سربراهه اساما بن لادن کي ٻه مئي 2011 تي پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد ۾ آمريڪي سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.