حڪومت پاران چيف جسٽس کي مدي ۾ واڌ ڏيڻ جي آڇ جو انڪشاف

اسلام آباد( تجزيو:عمران شفقت+گوهر بٽ)سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرري، ججن جي ايڪسٽينشن ۽  وفاقي وزير، اعظم  نذير تارڙ جي ججن کي ايڪسٽينشن ڏيڻ واري بيان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي عدليه ۾ بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي،قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته اپريل جي آخر ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ جو معاملو غور هيٺ آيو هو، چيف جسٽس مدي ۾ واڌ ۾ دلچسپي نه ورتي هئي، جسٽس منصور علي شاهه چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جي تجويز جي حمايت ڪئي آهي، هن چيو ته چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، هن کي به نظر اچي رهيو آهي ته جيڪڏهن موجوده چيف جسٽس کي مدي ۾ واڌ ملي ٿي ته مون کي به ٽن سالن لاءِ ايڪسٽينشن ملي سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي تحريڪ انصاف جي ججز طرف جهڪاءَ بعد ئي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ ججن جي مقرريءَ وارو معاملي بعد تاثر اهو ئي اڀري رهيو آهي ته حڪومت عدليه ۾ تواز قائم ڪرڻ گهري ٿي، اهڙي صورتحال ۾ وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ جو سپريم ڪورٽ جي ججز سان ملاقات ڪري کين اهو يقين ڏيارڻ ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي ججن کي ايڪسٽينشن ڏئي رهي آهي صورتحال کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي، اعظم نذير تارڙ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسى سان ملاقات کان اڳ ئي چيف جسٽس ا ٽارني جنرل آف پاڪستان تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته کيس ايڪسٽينشن جي ضرورت نه آهي، ان بعد به اعظم نذير تارڙ جي بيان عدليه ۾ موجود بحران کي وڌيڪ مونجهاري جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.