عدالتي جوڙجڪ ۾ تبديلي کان سواءِ پي ٽي آءِ جو علاج ناممڪن

اسلام آباد( رزاق کٽي) سپريم ڪورٽ پاران تحريڪ انصاف کي پارليمينٽري پارٽي طور قبول ڪرڻ ۽ مخصوص سيٽون ڏيڻ واري فيصلي تي  ن ليگ جي اتحادي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ردعمل ٻڌائي ٿو ته  عدالتي جوڙجڪ ۾ جيستائين تبديلي نٿي اچي تيستائين اھي عمران خان ۽ ان جي جماعت کي مڪمل طور بي اثر ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا  ٿي سگھن. وفاقي گادي واري شھر ۾ باخبر حلقا دعوا ڪري رھيا آھن ته  ”جيڪي سمجھن ٿا ته  گيم آخري مرحلي ۾ داخل ٿي  وئي آھي، اھي غلط فھمي جو شڪار آھن. حڪومت وٽ اڃا ڪجھ  پلان آھن، جن تي عملدرآمد بعد صورتحال واضح ٿي ويندي.“ جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام جا امڪان بلڪل گھٽ آھن، پر پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهھ تي بضد آھي ته  تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي رليف ڏيڻ کانسواءِ به سياسي استحڪام حاصل ڪري سگھجي ٿو.  زميني حقيقتون ائين ناھن ، جيئن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ يا ن ليگ جي اتحادي حڪومت سمجھي ٿي. ذريعا ٻڌائين ٿا، پارٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ پي ٽي آءِ مٿان پابندي جي فيصلي تي ن ليگ اندر سخت ردعمل آيو آھي، ٻئي طرف پيپلزپارٽي پاران پي ٽي آءِ  مٿان پابندي ھڻڻ واري فيصلي جي مخالفت ۽ پارٽي قيادت  پاران ان ان مخالفت کي پارٽي اڳواڻن جي راءِ قرار ڏيڻ مان اھا ڳالھ چٽي ٿي وئي آھي  ٻنھي پارٽين، پنھنجي مخالف سياسي پارٽي کي ”ڪنھن“ جي خواھش پوري ڪرڻ لاءِ پنھنجي پارٽين جو پليٽ فارم ڏئي ڇڏيو آھي. پاڪستان جي سيٺ سياسي پارٽين ۾ راءِ ڏيڻ وارو ڪلچر آخري پساھ کڻي رھيو آھي، گذريل ڪجھ سالن کان پاڪستان جي عوام اھو مشاھدو ڪيو  آھي ته  پارٽين جي اعلي قيادت فيصلو پھرين ڪندي آھي، ۽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي کي ٻڌائي ان کان توثيق بعد ۾ ڪرائيندي آھي. ايندڙ ھفتي پاڪستان جي گادي واري شھر ۾ گرماگرمي وڌڻ جا گھڻا امڪان آھن، ايڊھاڪ ججن جي مقرري ۽ چيف جسٽس جي مدي جي توسيع تي اڳڀرائي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته  جيستائين ايڊھاڪ ججن جو اضافو ۽ چيف جسٽس لاءِ آئين ۾ ترميم نٿي ٿئي تيستائين جيڪي پلان تيار ڪيا ويا آھن، ان تي عمل نه  ٿي سگھندو، اھو ئي سبب آھي ته  اليڪشن ڪميشن ھڪ دفعو  وري ملڪ جي اعلي عدالت آڏو پنھنجي ڪاريگري ڏيکارڻ لاءِ مشورا شروع ڪري ڇڏيا آھن،اليڪشن ڪميشن ان معاملي کي اعلي عدالت ۾ ايترو اينگھائيندي جيئن وقت حاصل ڪري سگھي، ان دوران حڪومت سني اتحاد ڪائونسل جي سربراھ ۽ ان جي ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن، جيڪڏھن ميمبرن کي راضي  ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته  آئين ۾ ترميم آساني ٿي ويندي ۽ ان دوران سپريم ڪورٽ ۾ ايڊھاڪ ججن جي مقرري به ٿي  ويندي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پنھنجي ان پلان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گھڻي پُر اميد آھي، ان جو ھڪ سبب اھو  به آھي ته  پي ٽي آءِ اندر عمران خان جي غير موجودگي جي ڪري انيڪ گروپ بڻيل آھن، عمران خان جي پراڻي عادت رھي آھي ته  ھو پارٽي جي اڳواڻن کي ھڪ ٻئي جي خلاف کڙو ڪري ڇڏيندو آھي. اھو ئي سبب آھي ته  عمران خان پارٽي اندر ڪو به اھڙو ليڊر پيدا ٿيڻ نه ڏنو آھي جيڪو ھن جو جانشين ٿي سگھي. عمران خان سمجھي ٿو ته  ھو جيترو وقت جيل ۾ رھندو ھن جي پاپولرٽي وڌندي رھندي، جيڪا ڳالھ گھڻي حد تائين ٺيڪ به آھي، پر ان وقت تائين پارٽي جو ڇا حال ٿيندو، ان بابت سندس پارٽي به  ڪا اسسيسمينٽ نه ڪئي آھي، ذريعا ٻڌائين ٿا ته  جيڪي اڳواڻ عمران خان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ وڃن ٿا اھي ملاقات ۾ غير موجود  اڳواڻن جون گلائون گھڻيون ۽ ڪم جون ڳالھيون گھٽ ڪندا آھن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 19 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.