اسلام آباد(منيب فاروق)حڪومت پارليامينٽ ۾ قرارداد منظور ڪري پي ٽي آءِ باني عمران خان، اڳوڻي صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ جي تجويز ڏيندي، رياست عمران خان کي جيل مان ٻاهر نه نڪرڻ لاءِ ڪيسن جي ڊگهي لسٽ ٺاهي ڇڏي آهي،حڪومت کي به اها خبر ناهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي ڪيئن لڳائڻي آهي، عطا تارڙ اسٽيبلشمينٽ جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، معاشي بحران سبب عوام موجوده حڪومت تي سخت ڪاوڙيل آهي، آءِ ايم ايف جي فرمائش تي لڳايل ٽيڪسن سبب مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ان صورتحال ۾ پي ٽي آءِ کي مقبوليت ملي رهي آهي،عدليه، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان جي جهيڙي جو نتيجو سنگين به نڪري سگهي ٿو پر رياست پنهنجي پوري تياري ڪري ويٺل آهي،نيشنل سيڪيورٽي بڻيل ملڪ جا واڳي ڪنهن به صورت ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ راضي ناهن، ٻئي پاسي تحريڪ انصاف بي اعتمادي رٿ لاءِ پ پ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪوششن باوجود پ پ ن ليگ جو ساٿ نه ڇڏيندي،پ پ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي خلاف ڪجهه نه ڪندي،اسٽيبلشمينٽ حڪومتي اتحادين کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي فيصلي جي مخالفت ناهي ڪرڻي،جيڪڏهن ان فيصلي جي حمايت نه ڪئي وئي ته پوءِ ٻيو آپشن به موجود آهي،صدر زرداري ۽ بلاول اسٽيبلشمينٽ جي مرضي خلاف ڪو به ڪم نه ڪندا، ٻيو ته شهبازشريف کان اسٽيبلشمينٽ ناراض ناهي، اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهي ٿي ته نوازشريف سان زيادتي ٿي آهي، ان غلطي کي سڌاريو پيو وڃي.