نوٽنگهم ( ويب ڊيسڪ) ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انگلينڊ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ ميچ ۾ انوکو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
خميس ڏينهن نوٽنگهم ۾ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪريگ برائٿويٽ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو .
انگلينڊ طرفان پهرين اننگز جي شروعات زيڪ ڪرائولي ۽ بين ڊڪٽ ڪئي جڏهن ته زيڪ ڪرائولي کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو.
جنهن کانپوءِ بين ڊڪٽ ۽ اولي پوپ جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي رڳو 4.2 اوورن ۾ٽيم جو مجموعي اسڪور 50 تائين پهچائي ڇڏيو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي 147 سالا تاريخ ۾ اِهو پهريون موقعو آهي جو ڪنهن ٽيم 27 بالن کان به گهٽ وقت ۾ پنجاهه رنسون ٺاهيون.
ان کان اڳ انگلينڊ ئي اوول ۾ 1994 ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ 4.3 اوورن ۾ پنجاهه تائين پهچڻ جو رڪارڊ جوڙيو هو.
You might also like