وومينز ايشيا ڪپ جو سڀ وڏو دنگل سڀاڻي، پاڪستان ڀارت کي هارائڻ لاءِ پراميد

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) وومين ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان سڀاڻي ڀارت سان مهاڏو اٽڪائيندو.
اٺ ٽيمن تي ٻڌل وومين ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ جا دلچسپ مقابلا سريلنڪا جي شهر دمبولا ۾ جاري آهن جتي سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ٻئي خلاف ميدان تي لهنديون.
ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان کي گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي ته جنهن پاڪستان کانسواءِ ڀارت، نئپال ۽ گڏيل عرب رياستن جون ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ بنگلاديش، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ ميزبان سريلنڪا شامل آهن.
هر گروپ مان ٽاپ ٻه ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، ميگا ايونٽ جو فائل 28 جولاءِ تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.
ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي مقابلي لاءِ ٻنهي ٽيمن تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پاڪستاني پليئرز جو چوڻ آهي ته ايشيا ڪپ ۾ ڀارت کي هارائي ٽورنامينٽ جي شروعات فتح سان ڪرڻ چاهين ٿيون .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.