اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چئن مهينن دوران ٽئڪس ريفنڊ ۾ اٺ سئو ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو آهي.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ فيڊرل بيورو آف ريونيو ( ايف بي آر ) ۾ سڌارن ۽ ڊجيٽائزيشن تي ڊگهو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٽئڪس ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ اپيليٽ ٽربيونلز جو انگ 100 تائين وڌائڻ ۽ اپيليٽ ٽربيونلز جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ ڊيش بورڊ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم ايف بي آر جي فراڊ ڊيٽيڪشن اينڊ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ کي مڪمل ڊجيٽائز ڪرڻ ۽ پاڪستان ريونيو آٽو ميشن اٿارٽي ۾ سڌارن بابت تجويزون پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
اجلاس کي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته سيلز ٽئڪس ريفنڊز جي ادائيگي ۾ ڪا دير برادسٽ نه ڪئي ويندي، ايف بي آر ڊجيٽائزيشن جا هاڪاري نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، چئن مهينن دوران ٽئڪس ريفنڊ ۾ اٺ سئو ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو .
وزيراعظم چيو ته ٽئڪس ريفنڊ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو، ايف بي آر ۾ سڌارن سبب اوڳاڙين ۾ واڌ ممڪن آهي، سڌارن بابت ايف بي آر جي ڪيئي منصوبن ۾ غير ضرروري دير انتهائي افسوسناڪ آهي.
ايف بي آر طرفان بريفنگ ۾ چيو ويو ته مختلف عدالتن ۾ ٽربيونلز ۾ 3 ڏهائي 2 کرب رپين جا 83 هزار 579 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چئن مهينن دوران مختلف عدالتن اٽڪل 44 ارب رپين جا 63 ڪيس اڪلايا جڏهن ته ٽئڪس ڏيڻ جي سگهه رکندڙ 49 لک ماڻهن جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم هدايت ڪئي ته 49 لک ماڻهن مان سرندي وارن ۽ سيڙپڪارن کي ترجيحي بنيادن تي ٽئڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ غريب طبقي تي واڌو بار نه وڌو وڃي.
اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته تاجر دوست موبائيل ايپليڪيشن ذريعي ڏيڍ لک ريٽيلرز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪسٽمز آٽو ميٽڊ اينٽري ايگزٽ سسٽم ( اي ايِ ايِ ايس ) جي تياري لاءِ ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي.
هاڪاري نتيجا اچڻ شروع ، 4 مهينن دوران ٽئڪس ريفنڊ ۾ 8 سئو ارب رپين جو فراڊ پڪڙيو ويو: وزيراعظم
Next Post
You might also like