اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پيٽرن انچيف اپٽما گوهر اعجاز توانائي واري وزير اويس لغاري ڏانهن بيان جاري ڪري ڇڏيو.
گوهر اعجاز اويس لغاري کي جواب ڏنو ته محترم، منهنجي جن ڳالهين بابت اوهان چئي رهيا آهيو ته مان بي خبر آهيان، اها هڪ سچي حقيقت آهي، مان ان وقت تائين اڻ ڄاڻ هيس جيستائين مان انهن آءِ پي پيز جي توانائي معاهدن جا تفصيل نه پڙهيا هئا.
گوهر اعجاز چيو ته بدانتظامي ۽ بدعنواني جي نالي تي سيڙپڪارن جو اعتماد ٽٽڻ جي ڪري اسان کي ڦريو پيو وڃي، 48 سيڪڙو آءِ پي پيز 40 وڏن ڪٽنبن جي ملڪيت آهن جيڪي 50 سيڪڙو جي صلاحيت سان هلي رهيا آهن.
هن چيو ته افسوس واهپيدارن کان پورا 2 کرب رپيا يا 24 رپيا في يونٽ چارج ڪيا ويا آهن، محترم وزير توانائي، اويس لغاري صاحب! اوهان هڪ قابل وزير آهيو.
گوهر اعجاز چيو ته مون کي يقين آهي ته اوهان عوام سان سڀني 106 آءِ پي پيز جي ڊيٽا شيئر ڪندا، حڪومت عوام جي ۽ عوام لاءِ آهي، مهرباني ڪري ڊيٽا کي شيئر ڪريو.
هن چيو ته هاڻي به بجلي جو اصل اگهه 30 رپيا يونٽ بدران 60 رپيا ناجائز اوڳاڙيو پيو وڃي.