پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڏکيائين ۾ واڌ، نيب اهم فيصلا ڪري ورتا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ قومي احتساب بيورو طرفان ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ضمني ريفرنس ۾ بشريٰ بي بي کي به جوابدار نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي. ضمني ريفرنس منظوري لاءِ نيب ايگزيڪٽو بورڊ ۾ پيش ڪيو ويندو.
ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس ۾ منظوري کانپوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو، نيب جي ٽيم جاچ مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي رپورٽ هيڊ ڪوارٽر کي موڪليندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نجي سوسائٽي ۾ ڇاپي دوران حاصل ٿيل ثبوتن کي به ريفرنس جو حصو بڻايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.