ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري هيٽ ويو جي لهر دوران ڪراچي بار ايسوسيئيشن ڪارو ڪوٽ پهرڻ کان ڇوٽ گهري ورتي.
جنرل سيڪريٽري ڪراچي بار ايسوسيئيشن سيشن ججز کي خط لکيو جنهن ۾ هن استدعا ڪئي ته موسم جي شدت جي ڪري وڪيلن کي 10 ڏينهن لاءِ ڪارو ڪوٽ پهرڻ کان ڇوٽ ڏني وڃي.
خط ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ غير معمولي هيٽ ويو آهي، هن هيٽ ويو ۾ وڪيلن لاءِ ڪارو ڪوٽ پهرڻ چئلينج کان گهٽ ناهي.
خط ۾ چيو ويو ته ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، گرمي جي شدت ۾ ڪوٽ پهري ڪم ڪرڻ صحت لاءِ هاڃيڪار هوندو.
Prev Post
You might also like