ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا جي گهرواري نتاشا اسٽينڪوووچ طلاق جي افواهن بعد پٽ گڏ ڀارت ڇڏي ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، گذريل ڏينهن سربيئن ماڊل ۽ اداڪارا نتاشا اسٽينڪوووچ کي پنهنجي پٽ سان گڏ ممبئي ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو.
ان کان اڳ نتاشا انسٽاگرام اسٽوري تي پنهنجو سامان پيڪ ڪندي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي هئي جنهن جي ڪيپشن مان مداحن اندازو لڳائي ته نتاشا پنهنجي پٽ سان گڏ اباڻي ملڪ سربيا وڃي رهي آهي.
ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي ويئ آهي ته نتاشا پٽ سان گڏ اباڻي ملڪ سربيا رواني ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته هاردڪ پانڊيا ۽ سربيئن ماڊل نتاشا مئي 2020 ۾ شادي ڪئي هئي، جڏهن ته هلندڙ سال مئي دوران ان وقت سندن عليحدگي جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون جڏهن نتاشا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ جي نالي مان ” پانڊيا “ لفظ هٽائي ڇڏيو.
You might also like